al-Masad (المَسَد)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 111 • 5 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
111:1 ابولھب جا ھٿ (شال) ڀڄن ۽ (شال پاڻ بہ) ھلاڪ ٿئي
111:2 سندس مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنھن کانئس (الله جو عذاب) نہ ٽاريو
111:3 ڄڀيءَ واري باھ ۾ سگھو گھڙندو
111:4 ۽ سندس زال بہ، جا ڪاٺين (جي لَڏ) کڻندڙ آھي
111:5 جنھن جي ڳچيءَ ۾ کاٻر جو نوڙ پيل آھي