al-Hujurat (الحُجُرَات)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 49 • 18 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
49:1 اي ايمان وارؤ! (اوھين) الله ۽ سندس پيغمبر جي آڏو (ڪنھن ڳالھ ۾) اڳرائي نہ ڪريو ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
49:2 اي ايمان وارؤ! پنھنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نہ ڪريو ۽ جيئن اوھان جو ھڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالھائڻ آھي (تيئن) ساڻس ڳالھ ڏاڍيان نہ ڳالھايو جو متان اوھان جا عمل چٽ ٿي وڃن ۽ اوھين نہ ڄاڻندا ھجو
49:3 بيشڪ جيڪي پنھنجن آوازن کي الله جي پيغمبر جي آڏو جھڪو ڪندا آھن، اِھي اُھي آھن جن جي دلين کي الله پرھيزگاريءَ (جي پڌري ڪرڻ) لاءِ آزمايو آھي، انھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي
49:4 بيشڪ جيڪي حُجرن جي ٻاھران تو کي سڏيندا آھن، تن مان گھڻا بي سمجھ آھن
49:5 ۽ جيڪڏھن اُھي (ايستائين) صبر ڪن ھا جيستائين انھن ڏانھن ٻاھر اچين تہ انھن لاءِ ڀَلو ھُجي ھا ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
49:6 اي ايمان وارؤ! جيڪڏھن ڪو بدڪار ڪا خبر اوھان وٽ آڻي تہ جاچ ڪريو جو (متان) ڪنھن قوم کي بي خبريءَ سان نقصان پھچايو، پوءِ جيڪي اوھان ڪري چڪؤ، تنھن تي پشيمان ٿيو
49:7 ۽ ڄاڻو تہ اوھان ۾ الله جو پيغمبر آھي، جيڪڏھن گھڻن ڪمن ۾ ھو اوھان جو چيو مڃيندو تہ (اوھين) ڏکيا ٿيندؤ، پر الله اوھان وٽ ايمان کي پيارو ڪرايو ۽ اوھان جي دلين ۾ اُن کي سينگاريائين ۽ اوھان وٽ ڪفر ۽ بي ديني ۽ گناھ کي ناپسند ڪرايائين، اِھي ئي سڌي رستي وارا آھن
49:8 الله جي فضل ۽ احسان سان ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
49:9 ۽ جيڪڏھن مؤمنن جون ٻہ ٽوليون پاڻ ۾ وڙھن تہ سندن وچ ۾ پرچاءُ ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (اِنھن) ٻنھي مان ھڪڙي (ٽولي) ٻي تي زيادتي ڪري تہ جيڪا (ٽولي) زيادتي ٿي ڪري، تنھن سان (اوھين ايستائين) وڙھو جيستائين الله جي حُڪم ڏانھن موٽي اچي، پوءِ جيڪڏھن موٽي آئي تہ سندن وچ ۾ انصاف سان پرچاءُ ڪريو ۽ انصاف سان ھلو، ڇو تہ الله انصاف وارن کي پيارو رکندو آھي
49:10 مؤمن (حقيقت ڪري ھڪ ٻئي جا) ڀائر آھن، تنھنڪري پنھنجن ٻنھي ڀائرن جي وچ ۾ پرچاءُ ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو تہ منَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي
49:11 اي ايمان وارؤ! ڪا ٽولي ڪنھن ٽوليءَ تي ٺـٺولي نہ ڪري، جو متان (اُھي حقيقت ڪري) کانئن ڀلا ھجن ۽ نہ زالون ٻـين زالن سان (ٺـٺوليون ڪن) جو متان اُھي کانئن ڀَليون ھجن، ۽ نڪي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي کي) عيب لايو ۽ نڪي ھڪ ٻئي کي بڇڙن لقبن سان سڏيو (جو) ايمان آڻڻ کانپوءِ بڇڙائيءَ جو نالو (وٺڻ) خراب آھي، ۽ جن توبھ نہ ڪئي سي ئي ظالم آھن
49:12 اي ايمان وارؤ! گھڻي (۽ ٿوريءَ) بد گمانيءَ (ڪرڻ) کان پاڻ پليو، ڇو تہ ڪا بدگماني ڪرڻ گناھ آھن ۽ نہ ڪي جاسوسي ڪريو ۽ نہ ڪو اوھان مان ھڪ، ٻئي جي گلا ڪري، ڀلا اوھان مان ڪو ھڪڙو پنھنجي مُئي ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آھي ڇا، جنھن کان نفرت ڪندا آھيو؟ ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله توبھ قبول ڪندڙ مھربان آھي
49:13 اي ماڻھؤ! بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون تہ (اوھين پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان وڌيڪ مان وارو الله وٽ اُھو آھي، جيڪو اوھان مان وڌيڪ پرھيزگار آھي، بيشڪ الله (سڀ) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي
49:14 بدوي چوندا آھن تہ، ايمان اندو اٿؤن (اي پيغمبر کين) چئو تہ، (حقيقت ڪري) ايمان نہ آندو اٿوَ، پر (ايئن) چئو تہ اسين مُسلمان ٿيا آھيون ۽ اڃا اوھان جي دلين ۾ ايمان گھڙيو (ئي) نہ آھي، ۽ جيڪڏھن الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندؤ تہ اوھان جي عملن مان اوھان کي ڪجھ (بہ) گھٽ نہ ڏيندو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
49:15 (حقيقت ۾) مؤمن رڳو اُھي آھن، جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو، وري (ڪو) شڪ نہ ڪيائون ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جُسن سان جھاد ڪيائون، اھي ئي سچا آھن
49:16 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ، پنھنجو دين الله کي ڄاڻائيندا آھيو ڇا؟ ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله ڄاڻندو آھي ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
49:17 (اي پيغمبر!) اسلام آڻڻ جو تو تي احسان رکندا آھن، (کين) چئو تہ، مون تي پنھنجي اسلام (آڻڻ) جو احسان نہ رکو، بلڪ اوھان تي الله احسان رکندو آھي، جو اوھان کي ايمان جي ھدايت ڪيائين، جيڪڏھن (اوھين) سچا آھيو، (تہ اِھا ڳالھ سچي ڄاڻو)
49:18 بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي