62:1
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، (جو) بادشاھ، تمام پاڪ (ذات)، غالب حڪمت وارو آھي
62:2
(الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ اُنھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر پيدا ڪيو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، ۽ بيشڪ اِھي (ھن کان) اڳ پڌريءَ گمراھيءَ ۾ ھئا
62:3
۽ اُنھن مان ٻـين (قومن) لاءِ (بہ)، جي اڃا اُنھن (مسلمانن) سان نہ مليا آھن ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
62:4
اِھو الله جو فضل آھي اھو اُنھيءَ کي ڏيندو آھي، جنھن کي وڻندو اٿس ۽ الله وڏي فضل وارو آھي
62:5
جن (ماڻھن) کي توريت کڻايو ويو، پوءِ اُھو نہ کنيائون (يعني اُن موجب عمل نہ ڪيائون) تن جو مثال (اُنھيءَ) گڏھ جي مثال وانگر آھي جو (گھڻا) ڪتاب کڻي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙ ٿي ڀانيو، تنھن قوم جو مثال بڇڙو آھي ۽ الله ظالم ماڻھن کي سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
62:6
(اي پيغمبر) چئو تہ اي يھوديؤ! جيڪڏھن ڀائيندا آھيو تہ ٻـين (سڀني) ماڻھن کانسواءِ رڳو اوھين الله جا دوست آھيو تہ جيڪڏھن (اِنھي ڳالھ ۾) سچا آھيو تہ موت گھرو
62:7
۽ جيڪي سندن ھٿن اڳي موڪليو آھي، تنھن جي ڪري اُھو ڪڏھن نہ گھرندا ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي
62:8
(اي پيغمبر!) چئو تہ بيشڪ اُھو موت جنھن کان ڀڄندا آھيو سو تہ ضرور اوھان کي پھچڻ وارو آھي، وري (اوھين) ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ ڏانھن موٽايا ويندؤ، پوءِ جيڪي (اوھين دُنيا ۾) ڪندا ھئو، تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو
62:9
اي ايمان وارؤ! جڏھن جُمعي جي ڏينھن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي، تڏھن الله جي ياد ڪرڻ ڏانھن ڊُڙو ۽ واپار ڇڏيو، جيڪڏھن (اوھين) ڄاڻندا آھيو تہ اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي
62:10
پوءِ جڏھن نماز پوري ڪئي وڃي، تہ زمين تي کنڊري وڃو ۽ الله جي فضل (رزق) جي طلب ڪريو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو تہ منَ اوھين ڇٽو
62:11
۽ (اُھي مسلمان) جڏھن ڪو سودو (ھلندو) يا ڪو تماشو ڏسن ٿا (تڏھن) اُن ڏانھن ڊوڙي وڃن ٿا ۽ (اي پيغمبر!) تو کي (خطبي ۾) بيٺل ڇڏين ٿا (اُنھن کي) چئو تہ جيڪي الله وٽ آھي، سو تماشي کان ۽ واپار کان (وڌيڪ) ڀَلو آھي، ۽ الله (سڀني) روزي ڏيندڙن کان ڀَلو آھي