44:1
حٰمٓ
44:2
(ھن) پڌري ڪتاب جو قسم آھي
44:3
تہ بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو، بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھئاسون
44:4
اُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو (لوح محفوظ کان) جدا ڪبو آھي
44:5
(اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي خاص) حڪم سان (ايئن ڪبو آھي) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھئاسون
44:6
تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
44:7
(جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ڀروسو ڪندڙ آھيو (تہ ڀروسو ڪريو)
44:8
اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي (جو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (اُھو ئي) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پين ڏاڏن جو پالڻھار آھي
44:9
بلڪ ڪافر (قيامت کان) شڪ ۾ کيڏي رھيا آھن
44:10
پوءِ جنھن ڏينھن آسمان پڌرو دونھون آڻيندو (تنھن ڏينھن جو) تون انتظار ڪر
44:11
جو ماڻھن کي ويڙھي ويندو، (چوندا تہ) ھيءُ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
44:12
اي اسان جا پالڻھار! اسان کان اِھو عذاب ٽار (جو) بيشڪ اسين مُسلمان ٿيون ٿا
44:13
کين اھا نصيحت ڪيئن (مفيد) ٿيندي! حالانڪ بيشڪ وٽن پڌرو پيغمبر آيو ھو
44:14
وري کانئس مُنھن موڙيائون ۽ چيائون (ٿي) تہ (ھيءُ) ماڻھو سيکاريل (۽) چريو آھي
44:15
بيشڪ اسين ٿورو (وقت) عذاب ٽارڻ وارا آھيون، بيشڪ اوھين (وري ڪُفر ۾) ڦِرڻ وارا آھيو
44:16
جنھن ڏينھن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون، (تنھن ڏينھن) بيشڪ! اسين بدلو وٺڻ وارا آھيون
44:17
۽ بيشڪ کانئن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو
44:18
تہ الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان
44:19
۽ (چوڻ آيو آھيان) تہ الله جي آڏو ھٺ نہ ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حجت سان آيو آھيان
44:20
۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار، ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي تہ (متان) مون کي پھڻن سان ماريو
44:21
۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نہ آڻيو تہ مون کان پاسو ڪريو
44:22
پوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين تہ ھي ڏوھاري قوم آھن
44:23
پوءِ (حُڪم ڪيوسون تہ) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا
44:24
۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارو لشڪر آھن
44:25
گھڻائي باغ ۽ چشما ڇڏيائون
44:26
۽ پوکون ۽ ڀليون جايون (بہ)
44:27
۽ اُھي نعمتون (بہ) جنھن ۾ مزا ماڻيندا ھئا
44:28
اھڙيءَ طرح (اٿئي)، ۽ ٻيءَ قوم کي انھن (شين) جو وارث ڪيوسون
44:29
پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نہ رُنو ۽ نڪي اُنھن کي مُلت ڏني ويئي
44:30
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايوسون
44:31
جو فرعون کان (پھچندو) ھونِ، بيشڪ اُھو ھٺيلو حد کان لنگھندڙن مان ھو
44:32
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڄاڻي واڻي (ساري) جھان وارن کان پسند ڪيوسون
44:33
۽ کين اُھي مُعجزا ڏناسون جن ۾ پڌري آزمائش ھئي
44:34
بيشڪ اِھي (مُشرڪ) چوندا آھن
44:35
تہ (اسان جي پڄاڻي) رڳو اسان جو (ھيءُ) پھريون موت آھي ۽ اسين وري نہ اُٿارباسون
44:36
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو
44:37
اِھي ڀلا آھن يا تبع (حميري) جي قوم ۽ جيڪي کانئن اڳ ھئا سي؟ اُنھن (سڀني) کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اُھي ڏوھاري ھئا
44:38
۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نہ بڻايوسون
44:39
اِنھن کي پوريءَ رٿ کانسواءِ نہ بڻايوسون، پر انھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
44:40
بيشڪ اِنھن مڙني جو انجام نبيري جو ڏينھن آھي
44:41
جنھن ڏينھن ڪوبہ دوست ڪنھن دوست کان ڪجھ بہ (عذاب) نہ ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي
44:42
سواءِ اُنھيءَ جي جنھن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ الله ئي غالب مھربان آھي
44:43
بيشڪ ٿوھر جو وڻ
44:44
گنھگار جو کاڄ آھي
44:45
پگھريل ٽامي جيان، پيٽن ۾ ٽچڪندو
44:46
تَتل پاڻي جي ٽچڪڻ وانگر
44:47
(ملائڪن کي چونداسون تہ) ھن (ڏوھيءَ) کي پڪڙيو ۽ دوزخ جي وچ ڏانھن گھليوس
44:48
وري مٿي تي تَتل پاڻي ھاريوس جو (اِھو) عذاب (اٿس)
44:49
(چئبس تہ اِھا سزا) چَک، ڇو تہ تون (پنھنجي گمان ۾) سگھارو مانوارو آھين
44:50
بيشڪ ھيءُ اُھو عذاب آھي، جنھن ۾ اوھين شڪ ڪندا ھئو
44:51
بيشڪ پرھيزگار امن واريءَ جاءِ ۾ ھُوندا
44:52
باغن ۽ چشمن ۾
44:53
سنھي پَٽ جا (ڪپڙا) ۽ ٿُلھي پَٽ جا (ڪپڙا)، ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ڍڪندا
44:54
(سندن حال) ايئن ھوندو، ۽ کين وڏين (سھڻين) اکين واريون حورون پرڻائينداسون
44:55
منجھس سڀڪو ميوو بي فڪرا ٿي گھرندا
44:56
پھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نہ چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو
44:57
تنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اِھا ئي وڏي مراد ماڻڻ آھي
44:58
قرآن کي تہ تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
44:59
پوءِ (تون) انتظار ڪر، بيشڪ اُھي بہ انتظار ڪرڻ وارا آھن