26:1
                                        
                                    
                                    طٰسٓمّٓ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:2
                                        
                                    
                                    ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:3
                                        
                                    
                                    متان تون پاڻ کي ھن سببان گھٽي ماريندڙ ٿئين تہ (ڪافر) مسلمان نہ ٿا ٿين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:4
                                        
                                    
                                    جيڪڏھن اسين گھرون تہ آسمان کان مٿن ڪا (اھڙي) نشاني نازل ڪريون جنھن جي آڏو سندن گردن جھڪا ٿين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:5
                                        
                                    
                                    ۽ ٻاجھاري (الله) کان ڪائي نئين نصيحت وٽن نہ ايندي آھي جو کانئس منھن موڙيندڙ (نہ) آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:6
                                        
                                    
                                    پوءِ بيشڪ ڪُوڙ، ڀانئي چُڪا، تنھنڪري سگھوئي وٽن اُھي خبرون اينديون جن سان (اُھي) ٺـٺوليون ڪندا ھئا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:7
                                        
                                    
                                    زمين ڏانھن نہ ڏٺو اٿن ڇا تہ منجھس ھر ڪنھن چڱيءَ جنس جا ڪيترائي سلا ڄماياسون؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:8
                                        
                                    
                                    بيشڪ اِن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:9
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:10
                                        
                                    
                                    ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار موسىٰ کي سڏيو تہ ظالمن جي قوم ڏانھن وڃ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:11
                                        
                                    
                                    جا فرعون جي قوم آھي، (کانئن پُڇ تہ) پرھيزگاري نہ ڪندا ڇا؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:12
                                        
                                    
                                    موسىٰ چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان مونکي ڪُوڙو ڀانئين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:13
                                        
                                    
                                    ۽ منھنجو سينو تنگ ٿئي ۽ منھنجي زبان پوري نہ اُٿندي آھي، تنھنڪري ھارون ڏانھن (پيغمبريءَ جو حُڪم) موڪل
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:14
                                        
                                    
                                    ۽ اُنھن جو مون تي ڏوھ آھي، تنھنڪري ڊڄان ٿو تہ متان مون کي ماري ڇڏين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:15
                                        
                                    
                                    (الله) فرمايو تہ ايئن (ٿيڻو) نہ آھي، پوءِ منھنجين نشانين سان ٻئي (ڄڻا) وڃو، بيشڪ اسين اوھان سان گڏ، ٻڌندڙ آھيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:16
                                        
                                    
                                    تنھنڪري فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس تہ، بيشڪ اسين جھانن جي پالڻھار جا (ھن پيغام سان) موڪليل آھيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:17
                                        
                                    
                                    تہ بني اسرائيل کي اسان ساڻ موڪل
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:18
                                        
                                    
                                    (فرعون) چيو تہ، تو کي پنھنجن (ڀاتين) ۾ ننڍڙو ڪري نہ پاليو ھوسون ڇا؟ ۽ پنھنجيءَ عمر جا ڪيترائي ورھيہ اسان ۾ گذاريئي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:19
                                        
                                    
                                    ۽ تو پنھنجو اُھو ڪم ڪيو جو تون ڪري چڪين ۽ تون بي شڪرن مان آھين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:20
                                        
                                    
                                    (موسىٰ) چيو تہ، جنھن مھل اُھو ڪم ڪيو ھوم (تنھن مھل) آءٌ بي سمجھن مان ھوس
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:21
                                        
                                    
                                    پوءِ جنھن مھل اوھان جي (ايذاءَ) کان ڊنس (تنھن مھل) اوھان کان ڀڳس، پوءِ منھنجي پالڻھار مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:22
                                        
                                    
                                    ۽ اِھو اُھو احسان آھي ڇا جنھنجو مون تي ٿورو رکين ٿو؟ تہ بني اسرائيل کي ٻانھون ڪري ورتو اٿئي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:23
                                        
                                    
                                    فرعون چيو تہ، جھانن جو رب ڇا (کي چئبو) آھي؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:24
                                        
                                    
                                    (موسىٰ) چيو تہ آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي، تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ويساھ رکندا آھيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:25
                                        
                                    
                                    (فرعون) پنھنجي آس پاس وارن کي چيو تہ، (اوھين) نہ ٿا ٻُڌو ڇا؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:26
                                        
                                    
                                    (مُوسىٰ) چيو تہ، (اُھو) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين اَبن ڏاڏن جو پالڻھار آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:27
                                        
                                    
                                    (فرعون) چيو تہ، اوھان جو پيغمبر جيڪو اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھي سو بيشڪ چريو آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:28
                                        
                                    
                                    (مُوسىٰ) چيو تہ اوڀر ۽ اولھ ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي، تنھن جو (بہ) پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين سمجھ رکندا آھيو (تہ اِھا سمجھاڻي بس آھي)
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:29
                                        
                                    
                                    (فرعون) چيو تہ جيڪڏھن مون کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ورتئي تہ ضرور تو کي قيدين مان ڪندس
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:30
                                        
                                    
                                    (مُوسىٰ) چيو تہ جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شئي آڻيان تہ بہ (قيد ڪندين) ڇا؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:31
                                        
                                    
                                    (فرعون) چيو تہ، جيڪڏھن تون سَچن مان آھين تہ اُھا آڻ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:32
                                        
                                    
                                    پوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين تہ اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:33
                                        
                                    
                                    ۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين تہ اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:34
                                        
                                    
                                    (فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو تہ، بيشڪ ھيءُ شخص وڏو ڄاڻون جادوگر آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:35
                                        
                                    
                                    (ھو) اوھانکي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو، پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:36
                                        
                                    
                                    چيائون تہ، کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:37
                                        
                                    
                                    تہ ھر وڏي ڄاڻون جادوگر کي کي تو وٽ آڻين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:38
                                        
                                    
                                    پوءِ ھڪ ڏينھن جي ٺھرايل انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:39
                                        
                                    
                                    ۽ ماڻھن کي چيو ويو تہ، اوھين (بہ) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:40
                                        
                                    
                                    جيڪڏھن اُھي (جادوگر) غالب ٿيا تہ منَ اسين اُنھن جا تابعدار ٿيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:41
                                        
                                    
                                    پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) فرعون کي چيائون تہ جيڪڏھن اسين ڏاڍا ٿيون تہ اسان لاءِ ڪو انعام آھي (يا نہ)؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:42
                                        
                                    
                                    (فرعون) چيو تہ، ھائو ۽ بيشڪ اوھين اُنھيءَ مھل (منھنجن) ويجھن مان ٿيندؤ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:43
                                        
                                    
                                    کين (موسىٰ) چيو تہ، جيڪي (ڍارا) اوھين اُڇلڻ وارا آھيو، سي اُڇليو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:44
                                        
                                    
                                    پوءِ ھنن پنھنجا رسا ۽ پنھنجيون لٺيون اُڇليون ۽ چيائون تہ فرعون جي عزت جو قَسم آھي تہ بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:45
                                        
                                    
                                    پوءِ موسىٰ پنھنجي لَٺ اُڇلي تہ اُھا اُتي جو اُتي جيڪو ناٽڪ بڻائيندا ويا سو ڳھندي ويئي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:46
                                        
                                    
                                    پوءِ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪريا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:47
                                        
                                    
                                    چيائون تہ، جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:48
                                        
                                    
                                    (جو) موسىٰ ۽ ھارون جو رب آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:49
                                        
                                    
                                    (فرعون) چيو تہ، اُن کان اڳ جو اوھان کي موڪل ڏيان، اوھان موسىٰ تي ڇو ايمان آندو؟ بيشڪ اُھو اوھان جو وڏو (استاد) آھي، جنھن اوھان کي جادو سيکاريو، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ، اوھان جا ھڪ پاسي جا ھٿ ۽ ٻئي پاسي جا پير ضرور وڍيندس ۽ اوھان مڙني کي (گڏ) ضرور سوريءَ تي چاڙھيندس
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:50
                                        
                                    
                                    چيائون تہ، ڪو حرج نہ آھي، بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:51
                                        
                                    
                                    بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ٿا تہ اسان جو پالڻھار اسان جا ڏوھ اسان کي بخشيندو، انھيءَ ڪري جو (پھرين اسين) مُسلمان ٿيا آھيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:52
                                        
                                    
                                    ۽ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون تہ منھنجن ٻانھن کي راتو واھ وٺي نِڪر، ڇو تہ (فرعون ۽ سندس لشڪر) اوھان جي پٺيان پوندا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:53
                                        
                                    
                                    پوءِ فرعون شھرن ۾ ڪوٺيندڙ موڪليا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:54
                                        
                                    
                                    (چيائين) تہ بيشڪ ھي ٿورڙن (ماڻھن) جو مچو آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:55
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ اُنھن اسان کي ڪاوڙايو آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:56
                                        
                                    
                                    ۽ اسين ھٿيارن واري جماعت آھيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:57
                                        
                                    
                                    (الله فرمائي ٿو تہ) پوءِ اُنھن (فرعونين) کي باغن ۽ چشمن مان ٻاھر ڪڍيوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:58
                                        
                                    
                                    ۽ خزانن ۽ چڱي جاءِ مان (بہ)
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:59
                                        
                                    
                                    اھڙي طرح (ڪيوسون)، ۽ اُنھن (شين) جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:60
                                        
                                    
                                    پوءِ سج اُڀرندي ئي اُنھن (بني اسرائيلن) جي پوئتان پيا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:61
                                        
                                    
                                    پوءِ جنھن مھل ٻنھي ٽولين ھڪ ٻئي ڏٺو (تنھن مھل) موسىٰ جي سنگتين چيو تہ، بيشڪ اسان کي پھچي ويا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:62
                                        
                                    
                                    (موسىٰ) چيو تہ، ايئن نہ آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار مون ساڻ آھي، سگھو مون کي رستي لائيندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:63
                                        
                                    
                                    پوءِ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون تہ پنھنجي لٺ سمنڊ کي ھڻ، پوءِ اُھو چيرجي پيو، پوءِ ھر ڀاڱو وڏي پھاڙ جھڙو ٿي پيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:64
                                        
                                    
                                    ۽ اُنھن ٻـين ( يعني فرعونين) کي اُن ھنڌ ويجھو ڪيوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:65
                                        
                                    
                                    ۽ موسىٰ ۽ سندس سنگتين مڙني کي بچايوسين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:66
                                        
                                    
                                    وري (ھنن) ٻـين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:67
                                        
                                    
                                    بيشڪ اِنھيءَ (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مڃڻ وارا نہ ھوا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:68
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:69
                                        
                                    
                                    ۽ اُنھن کي ابراھيم جو قِصّو پڙھي ٻڌاءِ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:70
                                        
                                    
                                    جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين تہ ڇا کي پوڄيندا آھيو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:71
                                        
                                    
                                    چيائون تہ، (اسين) بُتن کي پوڄيندا آھيون پوءِ سدائين اُنھن جا مجاور ٿي وھندا آھيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:72
                                        
                                    
                                    (ابراھيم) چيو تہ، جڏھن (ھنن کي) سڏيو ٿا (تڏھن) اوھان جو (سڏ) ٻڌن ٿا ڇا؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:73
                                        
                                    
                                    يا اوھان کي سُک پھچائيندا آھن يا ڏک ڏيندا آھن؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:74
                                        
                                    
                                    چيائون (نہ!) بلڪ پنھنجن ابن ڏاڏن کي ايئن ڪندي ڏٺوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:75
                                        
                                    
                                    (ابراھيم) چيو تہ (انھن کي) ڏٺو اٿوَ جن کي پوڄيندا رھيؤ؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:76
                                        
                                    
                                    اوھين ۽ اوھان جا اڳيان ابا ڏاڏا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:77
                                        
                                    
                                    بيشڪ اُھي جھانن جي پالڻھار کانسواءِ منھنجا ويري آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:78
                                        
                                    
                                    جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، وري اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:79
                                        
                                    
                                    ۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:80
                                        
                                    
                                    ۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان، تڏھن اُھو ئي مون کي شفا ڏيندو آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:81
                                        
                                    
                                    ۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:82
                                        
                                    
                                    ۽ اُھو آھي جو آسرو اٿم تہ قيامت جي ڏينھن منھنجون خطائون مون کي بخشيندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:83
                                        
                                    
                                    اي منھنجا پالڻھار! مُون کي دانائي بخش ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:84
                                        
                                    
                                    ۽ پوين ۾ منھنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:85
                                        
                                    
                                    ۽ مون کي نعمتن واري بھشت جي وارثن مان ڪر
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:86
                                        
                                    
                                    ۽ منھنجي پيءُ کي بخش جو اُھو گمراھن مان آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:87
                                        
                                    
                                    ۽ جنھن ڏينھن (ماڻھو جيئرا ٿي) اُٿندا (تنھن ڏينھن) مون کي خوار نہ ڪج
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:88
                                        
                                    
                                    جنھن ڏينھن نڪي مال ۽ نڪي پٽ نفعو ڏيندا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:89
                                        
                                    
                                    پر اُھو (فائدي وارو ھوندو) جو الله وٽ سالم دل آڻيندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:90
                                        
                                    
                                    ۽ پرھيزگارن لاءِ بھشت ويجھو ڪيو ويندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:91
                                        
                                    
                                    ۽ گمراھن لاءِ دوزخ ظاھر ڪيو ويندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:92
                                        
                                    
                                    ۽ کين چيو ويندو تہ اُھي ڪٿي آھن، جن کي پوڄيندا ھيؤ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:93
                                        
                                    
                                    الله کانسواءِ؟ (ھاڻي) اُھي اوھان کي مدد ڏين ٿا ڇا يا (پاڻ) بدلو وٺي سگھن ٿا؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:94
                                        
                                    
                                    پوءِ اُھي گمراھ (پوڄيندڙ) ۽ بُت منجھس اونڌا ڪري اُڇلايا ويندا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:95
                                        
                                    
                                    ۽ مڙيئي شيطاني لشڪر بہ (اُڇلائبا)
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:96
                                        
                                    
                                    ۽ (تڏھن) اُھي منجھس ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندي پيا چوندا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:97
                                        
                                    
                                    تہ الله جو قسم آھي بيشڪ اسين تہ پڌريءَ گمراھي ۾ ھئاسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:98
                                        
                                    
                                    جڏھن اوھان کي جھانن جي پالڻھار سان برابر ٿي ڪيوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:99
                                        
                                    
                                    ۽ (ھنن) ڏوھارين کانسواءِ ٻئي ڪنھين اسان کي گمراھ نہ ڪيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:100
                                        
                                    
                                    پوءِ اسان جو (ھاڻي) نڪو ڪو سفارش ڪرڻ وارو آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:101
                                        
                                    
                                    ۽ نڪو ڪو غمٽار دوست آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:102
                                        
                                    
                                    پوءِ جيڪر ھڪ ڀيرو اسان کي (وري دنيا ۾ وڃڻ) ملي تہ مؤمنن مان ٿيون!
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:103
                                        
                                    
                                    بيشڪ اِن ۾ ضرور نشاني آھي، ۽ اُنھن مان گھڻا مؤمن نہ آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:104
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:105
                                        
                                    
                                    نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:106
                                        
                                    
                                    جڏھن کين سندن ڀاءُ نوح چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ٿا ڊڄو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:107
                                        
                                    
                                    بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:108
                                        
                                    
                                    پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:109
                                        
                                    
                                    ۽ اوھان کان اِن (پيغام جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو تہ رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:110
                                        
                                    
                                    پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:111
                                        
                                    
                                    چيائون تہ تو تي ايمان ڇو آڻيون؟ ۽ حالانڪ نيچ ماڻھن (ڪنھن دنياوي لالچ لاءِ) تنھنجي تابعداري ڪئي آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:112
                                        
                                    
                                    (نوح) چيو تہ، مون کي ڪھڙي سُڌ تہ (ھو) ڇا ڪندا رھيا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:113
                                        
                                    
                                    جيڪڏھن اوھين سمجھ وارا آھيو تہ، سندن حساب منھنجي پالڻھار کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نہ آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:114
                                        
                                    
                                    ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نہ آھيان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:115
                                        
                                    
                                    آءٌ تہ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:116
                                        
                                    
                                    چيائون تہ اي نوح! جيڪڏھن تون نہ رھندين تہ ضرور سنگسار ٿيندين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:117
                                        
                                    
                                    (نوح) چيو تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجيءَ قوم مون کي ڪوڙو ڀانيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:118
                                        
                                    
                                    تنھنڪري منھنجي ۽ سندن وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ جيڪي مؤمن مون ساڻ آھن، تن کي بچاءِ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:119
                                        
                                    
                                    پوءِ کيس ۽ سندس سنگتين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:120
                                        
                                    
                                    وري کانئن پوءِ رھيلن کي ٻوڙيوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:121
                                        
                                    
                                    بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آھي ۽ انھن مان گھڻا مڃيندڙ نہ ھئا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:122
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:123
                                        
                                    
                                    عاد (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:124
                                        
                                    
                                    جڏھن سندن ڀاءُ ھود کين چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:125
                                        
                                    
                                    بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:126
                                        
                                    
                                    پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:127
                                        
                                    
                                    ۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام) پھچائڻ تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:128
                                        
                                    
                                    سڀڪنھن دڙي تي اجايا مشغول ٿي نشان ڇو بڻائيندا آھيو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:129
                                        
                                    
                                    ۽ (ڇو) پڪيون ماڙيون بڻائيندا آھيو؟ ڄڻڪ اوھين سدائين رھندؤ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:130
                                        
                                    
                                    ۽ جڏھن اوھين دست درازي ڪندا آھيو (تڏھن) زبردست ٿي دست درازي ڪندا آھيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:131
                                        
                                    
                                    پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:132
                                        
                                    
                                    ۽ اُنھي (الله) کان ڊڄو، جنھن اوھان کي اُنھيءَ (شئي) جي مدد ڏني جا (اوھين) ڄاڻندا آھيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:133
                                        
                                    
                                    اوھان کي ڍورن ۽ پُٽن (ڏيڻ) سان مدد ڏني اٿس
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:134
                                        
                                    
                                    ۽ باغن ۽ (پاڻي جي) چشمن (ڏيڻ) سان بہ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:135
                                        
                                    
                                    بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:136
                                        
                                    
                                    چيائون تہ، (جي) تون (اسان کي) نصيحت ڏين يا نصيحت ڏيندڙن مان نہ ھجين تہ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:137
                                        
                                    
                                    اِھا اڳين جي ئي عادت آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:138
                                        
                                    
                                    ۽ اسين (ڪڏھن) عذاب ڪيل نہ ٿينداسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:139
                                        
                                    
                                    پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين ھلاڪ ڪيوسون، بيشڪ ان (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ ھئا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:140
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:141
                                        
                                    
                                    ثمود (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:142
                                        
                                    
                                    جڏھن کين سندن ڀاءُ صالح چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:143
                                        
                                    
                                    بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:144
                                        
                                    
                                    پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:145
                                        
                                    
                                    ۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نہ ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:146
                                        
                                    
                                    اُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي، تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (تہ ھميشہ آرام ۾ رھو)؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:147
                                        
                                    
                                    باغن ۾ ۽ چشمن ۾
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:148
                                        
                                    
                                    ۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڪُنئَرا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:149
                                        
                                    
                                    ۽ ڪاريگر ٿي جبلن مان (تراشي) گھر بڻائيندا آھيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:150
                                        
                                    
                                    پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:151
                                        
                                    
                                    ۽ اُنھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نہ مڃو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:152
                                        
                                    
                                    جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارو نہ ڪندا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:153
                                        
                                    
                                    چيائون تہ تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:154
                                        
                                    
                                    تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين تہ ڪا نشاني آڻ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:155
                                        
                                    
                                    (صالح) چيو تہ، ھيءَ ڏاچي آھي، اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن مقرر ٿيل آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:156
                                        
                                    
                                    ۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نہ پھچائجو، نہ تہ اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:157
                                        
                                    
                                    پوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (۽ ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:158
                                        
                                    
                                    پوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ ھئا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:159
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:160
                                        
                                    
                                    لُوط جي قوم پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:161
                                        
                                    
                                    جڏھن کين سندن ڀاءُ لُوط چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:162
                                        
                                    
                                    بيشڪ آءٌ اوھان جو اَمين پيغمبر آھيان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:163
                                        
                                    
                                    پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:164
                                        
                                    
                                    ۽ اُن (پيغام پھچائڻ) تي اوھان کان اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:165
                                        
                                    
                                    دنيا جھان جي نرن ڏانھن (بڇڙائيءَ لاءِ) ڇو ويندا آھيو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:166
                                        
                                    
                                    ۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار اوھان لاءِ اوھان جون زالون خلقيون آھن تن کي ڇو ڇڏيندا آھيو؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:167
                                        
                                    
                                    چيائون تہ، اي لُوط! جيڪڏھن نہ رھندين تہ ضرور لوڌائبين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:168
                                        
                                    
                                    لُوط چيو تہ بيشڪ آءٌ اوھان جي ڪم کان رنج آھيان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:169
                                        
                                    
                                    اي منھنجا پالڻھار! جيڪي (ھو) ڪندا آھن، تنھن جي شر کان مونکي ۽ منھنجي گھر جي ڀاتين کي بچاءِ!
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:170
                                        
                                    
                                    پوءِ کيس ۽ سندس مڙني ڀاتين کي بچايوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:171
                                        
                                    
                                    سواءِ (ھڪ) ٻڍڙيءَ زال جي جا رھيلن مان ھئي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:172
                                        
                                    
                                    وري (اُنھن) ٻـين جي پاڙ پٽي سون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:173
                                        
                                    
                                    ۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄاريلن جو مينھن بڇڙو آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:174
                                        
                                    
                                    بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ ھئا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:175
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:176
                                        
                                    
                                    (شھر) ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:177
                                        
                                    
                                    جڏھن کين شعيب چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ٿا ڊڄو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:178
                                        
                                    
                                    بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:179
                                        
                                    
                                    پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:180
                                        
                                    
                                    ۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:181
                                        
                                    
                                    ماڻ پورو ڀريو ۽ ڪسُ لائيندڙن مان نہ ٿيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:182
                                        
                                    
                                    ۽ سَنئينءَ تارازيءَ سان توريو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:183
                                        
                                    
                                    ۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نہ ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نہ وجھو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:184
                                        
                                    
                                    ۽ اُنھيءَ (الله) کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳينءَ خلق کي خلقيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:185
                                        
                                    
                                    چيائون تہ تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:186
                                        
                                    
                                    ۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين تو کي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:187
                                        
                                    
                                    جيڪڏھن تون سچن مان آھين تہ اسان تي آسمان مان ڪا ڇپ ڪيراءِ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:188
                                        
                                    
                                    (شعيب) چيو تہ، جيڪي اوھين ڪندا آھيو، سو منھنجو پالڻھار چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:189
                                        
                                    
                                    پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون، تنھنڪري پاڇي واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:190
                                        
                                    
                                    بيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ ھئا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:191
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:192
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ اھو (قرآن) جھانن جي پالڻھار کان لاٿل آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:193
                                        
                                    
                                    اُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:194
                                        
                                    
                                    تنھنجيءَ دل تي (ھن لاءِ) تہ ڊيڄاريندڙن مان ٿئين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:195
                                        
                                    
                                    (جو) پڌريءَ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:196
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ سندس خبر اڳين صحيفن ۾ (لکيل) آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:197
                                        
                                    
                                    اُنھن لاءِ (اِھا) نشاني نہ آھي ڇا تہ، بني اسرائيلن جا عالم اُن (جي حقانيت) ڄاڻن ھا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:198
                                        
                                    
                                    ۽ جيڪڏھن قرآن کي (عربن کانسواءِ ٻئي) ڪنھن عجميءَ تي نازل ڪريون ھا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:199
                                        
                                    
                                    پوءِ اُھو مٿن پڙھي ھا تہ اُن کي (بہ) مڃڻ وارا نہ ٿين ھا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:200
                                        
                                    
                                    اھڙي طرح گنھگارن جي دلين ۾ اُھو (انڪار) وڌوسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:201
                                        
                                    
                                    اُن تي (اَيسين) ايمان نہ آڻيندا، جيسين ڏکوئيندڙ عذاب (نہ) ڏسندا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:202
                                        
                                    
                                    پوءِ اوچتو وٽن عذاب ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:203
                                        
                                    
                                    پوءِ چوندا تہ اسين مُھلت ڏنل ٿينداسون ڇا؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:204
                                        
                                    
                                    پوءِ ڇو اسان جو عذاب تڪڙو گھرندا آھن؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:205
                                        
                                    
                                    پوءِ ڏٺو اٿيئي ڇا تہ جيڪڏھن کين ڪيئي ورھيہ عيش ڪرڻ (جي مھلت) ڏيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:206
                                        
                                    
                                    وري وٽن اُھو اچي جنھن جو انجام ڏنو پئي وين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:207
                                        
                                    
                                    تہ سندن آسودو ھجڻ کانئن ڪجھ نہ ٽاريندو!
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:208
                                        
                                    
                                    ۽ اھڙي ڪنھين ڳوٺ کي ناس نہ ڪيوسون، جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نہ) ھئا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:209
                                        
                                    
                                    نصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نہ ھئاسون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:210
                                        
                                    
                                    ۽ اُن (قرآن) کي شيطانن نازل نہ ڪيو آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:211
                                        
                                    
                                    ۽ نڪي کين جڳائيندو آھي ۽ نڪي ڪري سگھندا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:212
                                        
                                    
                                    بيشڪ اُھي (ملائڪن جي ڪلام) ٻڌڻ (جي جاءِ) کان پري ڪيل آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:213
                                        
                                    
                                    تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن ٻئي معبُود کي نہ سڏ، نہ تہ عذاب وارن مان ٿيندين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:214
                                        
                                    
                                    ۽ پنھنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:215
                                        
                                    
                                    ۽ مؤمنن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪري، تنھن لاءِ پنھنجو بازو جِھڪو ڪر (يعني نرمي ڪر)
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:216
                                        
                                    
                                    پوءِ جيڪڏھن تنھنجي نافرماني ڪن تہ چئو تہ، جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:217
                                        
                                    
                                    ۽ اُنھيءَ غالب مھربان (الله) تي ڀروسو ڪر
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:218
                                        
                                    
                                    جيڪو (تھجّد وقت) تنھنجي اُٿڻ مھل تو کي ڏسي ٿو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:219
                                        
                                    
                                    ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ بہ ڏسي ٿو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:220
                                        
                                    
                                    بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:221
                                        
                                    
                                    اوھان کي سُڌ (نہ) ڏيان ڇا تہ ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:222
                                        
                                    
                                    سڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:223
                                        
                                    
                                    جو ٻُڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھانئن گھڻا ڪوڙا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:224
                                        
                                    
                                    ۽ گمراھ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:225
                                        
                                    
                                    نہ ڏٺو اَٿئي ڇا تہ، اُھي ھر ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:226
                                        
                                    
                                    ۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن، جيڪي نہ ڪندا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            26:227
                                        
                                    
                                    پر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون، (اُھي گمراھ نہ آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا تہ ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا!